ماتَمُ جي سنڌي معنيٰ
مصيبت، بپتا، آپدا. بلا، آفت. مرڻ جو غم، ڪنھن جي موت تي ڪيل روڄُ، روڄُ، راڙهو، رودنُ، ڪُھرام. آھ و پُڪار، ورلاپ، نالہ. گِريو. پِٽَ، ڪُٽَ، سينا زنِي، ڇاتيءَ ڪُٽ. غم، رنجُ، ملال، الم، اندوھُ، ارمانُ، سوز.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Grief, mourning.
ماتَمُ جا بيتن ۾ حوالا
آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ،
آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ،
ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي ڪِي روءِ،
اَوِھِين ڇَڏي وَڃو ڇَپَرين، ڏُکِي ڪِھَڙي ڏوھِ،
ڪو پُرِي پِرِينءَ چوءِ، تَہ مُٺِيءَ ماتَمُ آيو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 23 ]

دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ،
آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ،
جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، ماتَمُ مَچائِين،
خَطِرا سَڀَ کانئينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 8 ]