لُنگُ جي سنڌي معنيٰ
گوڏ يا سلوار هيٺان ڪپڙي جو لنگ، لُنگ ٻڌڻ جو ڪپڙو، ننڍي گوڏ، لانگوٽو، ڪڇو، چوتو، لانگوٽي، ننڍي چَڍِي، لانگوٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The lingra of Siva. Membrum Virile. The piece of cloth tied round the loins.
لُنگُ جا بيتن ۾ حوالا
جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]

لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو،
اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ،
ٻُڌائُون سا ٻانگَ، ڪَندا ڪوھُ نِمازَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 18 ]

جَا اِسلامان اَڳي ھُئِي سا ٻُڌائُون ٻانگَ،
سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِئا گورَکِناٿَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 17 ]