لَنگهي جي سنڌي معنيٰ
گذري، مَٽي، رستي تان لنگهي، رستو پار ڪري، ڪٿان پنڌ ڪري وڃي، لنگهي وڃي، وڃي، اڳتي نڪري وڃي، پار پوي، اورانگهي، اڳتي وڌي، هليو وڃي، لتاڙي، حد ٽپي، اُڪري، جهاڳي چڙهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To pass over, cross, surmount. (v. n) To go by, pass by. (S. m) Fast, Fasting.
لَنگهي جا بيتن ۾ حوالا
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ،
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا،
لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا،
ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 7 ]
لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا،
ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 7 ]
آڌِيءَ اُڌاڻو، ھِينئَڙو مُون ھَٿَنِ مان،
لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو،
ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 8 ]
لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو،
ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 8 ]
اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي،
پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُڻِيان ھوتَنِ ھوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 14 ]
پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُڻِيان ھوتَنِ ھوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 14 ]
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ،
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،
وِلِهِيءَ جا ويڙِھا، سُڃا سَرَواڻَنِ ري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 15 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،
وِلِهِيءَ جا ويڙِھا، سُڃا سَرَواڻَنِ ري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 15 ]
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ نَہ لاٿَئُون،
پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون،
جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ سين ڪِيمَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 4 ]
پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون،
جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ سين ڪِيمَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 4 ]
وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھائِي،
مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي،
اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 7 ]
مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي،
اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 7 ]
ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]