قِيامَ جي سنڌي معنيٰ
قيامت لفظ جي ننڍي شڪل، قيامت، محشر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Day of Judgement، resurrection۔
قِيامَ جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
ڪَنڌِيءَ جَهلِيو ڪانھَنۡ، عاشِقُ آھُون ڪَري،
تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟
دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 24 ]
تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُهڻِي، ٻيلِي مُنھِنجِي ٻانھَنۡ؟
دَرياھَ تو تي دانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 24 ]
جَي قِيامَ مِڙَنِ، تَہ ڪَرَ اوڏا سُپِرِين،
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 28 ]
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 28 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 10 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ،
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ،
ھاڻي ٿِئو حَشَرُ، پُنا قولَ قِيامَ جا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 4 ]
ھاڻي ٿِئو حَشَرُ، پُنا قولَ قِيامَ جا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 4 ]
مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي،
اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ،
اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 21 ]
اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ،
اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 21 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ حَمامَ،
آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ،
ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 2 ]
آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ،
ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 2 ]
اِيءُ ڏٺوئِي ڏوھُ، جِيئَن رامُ ڪوٺِيين رَحمانَ کي،
جو ھادِيءَ چَيو حَبِيبَ تي، سو ڪَلمُو ڪَھين نَہ ڪوھُ،
اَطِيطَنِ اَندوھُ، ٿِيندو ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 1 ]
جو ھادِيءَ چَيو حَبِيبَ تي، سو ڪَلمُو ڪَھين نَہ ڪوھُ،
اَطِيطَنِ اَندوھُ، ٿِيندو ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 1 ]
English Meaning
Day of Judgement، resurrection۔