فانِي جي سنڌي معنيٰ
فَنَا ٿيندڙ، فنا ٿيل، ختم ٿيندڙ، نابود ٿيندڙ، مرندڙ. گم ٿيندڙ، عدم پيدا ٿيندڙ. بي بقا، ناپائدارُ، گهاتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Evanescent, destructible, mortal, perishable.
فانِي جا بيتن ۾ حوالا
فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو،
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]
چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي،
حُسينَ ڪُون،
نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي،
جِنان دي گهوڙي ٻيڙي، تِنا مالِ تي جهيڙي،
وَڃِي ٿِئا خاڪِ سين ڀيڙي،
جِنان دي لَکِ ڪي ھِيري، تِنا مُکِ پانِ ڪي ٻيڙي،
ھي اُنُهان ڪُون کاڳَئي ڪِيڙي،
زُليخا مِصِرِ کيڙي، يُوسُفُ ھُئا مَغِربِ ڪاشاني،
ھِي ڏُونھِين وَڃِي ٿِئا خاڪِ ۾ فانِي.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 3 ]

جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي،
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]
جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي ٿِئا فِي اللہِ ۾،
نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ،
جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ رَسِئا بُودَ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 25 ]
نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ،
جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ رَسِئا بُودَ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 25 ]
English Meaning
Evanescent, destructible, mortal, perishable.