سَنگهارَنِ جي سنڌي معنيٰ
مال متاع وارنِ، مال وارن، ڀاڳينِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Farmers, live stock holders, people of village.
سَنگهارَنِ جا بيتن ۾ حوالا
سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ،
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ ڌَرَمَ،
واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ،
سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 14 ]
واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ،
سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 14 ]
واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجِ سَنِيھَڙو،
سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 1 ]
سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 1 ]
ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو،
مادَرِ ھُئا مَلُوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 2 ]
مادَرِ ھُئا مَلُوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 2 ]
ڪاڇي ڪاھِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو،
مُون تَنُ مارِئائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 3 ]
مُون تَنُ مارِئائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 3 ]
ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَھَڻُ، اِيءَ نَہ سَنگهارَنِ سِٽَ،
ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ،
جَي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ اُڊو لاھِ مَ اُنِ جو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 8 ]
ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ،
جَي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ اُڊو لاھِ مَ اُنِ جو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 8 ]
ڪيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ سَنگهارَنِ سين،
جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 9 ]
جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 9 ]
جِهڄان پَسِئو جهوڪَ، آيَلِ سَنگهارَنِ جِي،
جَنِ ٿي پَھِيين پِيارئو، مَنجهان مَٽَنِ موڪَ،
لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 10 ]
جَنِ ٿي پَھِيين پِيارئو، مَنجهان مَٽَنِ موڪَ،
لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 10 ]
English Meaning
Farmers, live stock holders, people of village.