سَفَرَ جي سنڌي معنيٰ
مُسافِرِيون. سيرَ، ڪَھَ، اُجهاڳا، اَجهاڳَ، سَئِلَ، شَيلَ. ڪُوچَ، رَوانگِيون. وَقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Travelling, going outside, abroad, departure
سَفَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون،
جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،
سَنڀاري سُبحانُ، وَڃِي عادَنِئُون اُکَتا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 14 ]

ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو،
پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو،
جانِي ھِنَ جَھانَ مان، وَڃُ لاڳاپا لاھِيو،
آگي پَنھِنجي اِحسانَ سين، ٻانَهنِ تي ٻاجهايو،
بابي بِيبِيءَ فاطِمه جي، بارُ سَڀو بَخِشايو،
”نَفسِي نَفسِي“ سَڀَڪو، ڪَھِيو اُتِ ڪَھَندو،
”اُمَتِي يا اُمَتِي“ ڪَھي، رَسُولُ رَبُ سَندو،
نيزي پاندِ نَمِي، اَلا، سَختِي شَمسُ ڪَرِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ تي، حَضَرت ھَٿَ ڌَرِيندو.
[ سُر سريراڳ، وايون، 10 ]

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 9 ]

ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ،
ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ نَہ لايائُون پَٽِ،
پَڳَھُ کَڻُ مَ پاتِڻِي، جانِي مُون وَٽِ جَٽِ،
ڳَرَھِيان سُورُ سَفَرَ جو، ھَلِي پَنھِنجي ھَٽِ،
پُورِيندِيَسِ پِرِينءَ ڏي، ڪا نَہ ڪنديِسَ گَهٽِ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 8 ]

وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون،
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو،
سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيھُ چِتايو،
اُنِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 12 ]

واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ،
سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ،
جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 6 ]

بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري،
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]

سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ،
پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ،
جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 3 ]

رامُ رَھِيُنِ ۾ رُوحَ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو،
سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ،
سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 3 ]

سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،
ڪو ڏيھُ چِتايو، اُونِهي وَڃَنِ اوھَري.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 10 ]