رِڻُ جي سنڌي معنيٰ
رِڻ پٽ صحرا، بيابان، ويرانو، ارءُ، آوازُ، جابانُ، دشت، برپٽ، ٿَرُ بَرُ، سُڃَ. غيرآباد، اُجاڙ، ڀِينگَ، بياباني، ويراني. بربادي، تباهي، ظلم، قَھَرُ، انڌيرُ، ناانصافي، بي انصافي، هاڃو، ناحق، ستياناس. جنگ، جنگ جو ميدان.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A wilderness, desert or waste of salt earth, waste. Injury, destruction, evil. The black mark of a bruise or blow, a bruise. Field of battle.
رِڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ،
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرِين، کَڙڳَ کِلوِلِ ڪَنِ،
وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھَڻَنِ،
ڪِرَنِ ڪُونڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 14 ]
وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھَڻَنِ،
ڪِرَنِ ڪُونڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 14 ]
جِهمندِيُون اَچَنِ، جهولِيُون جُهونجهارَنِ جُون،
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، تَنِ جُون وَھون واڪا ڪَنِ،
پِٽِينِ پَارَ کَڻَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 13 ]
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، تَنِ جُون وَھون واڪا ڪَنِ،
پِٽِينِ پَارَ کَڻَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 13 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو، ٿِئو سَوَلو طالِعُ ساٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 9 ]
ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو،
ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 1 ]
اللهَ واري آڻِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ڪوھِيارِي جي ڪاڻِ،
ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَل سين، رائي مَنجِهہ رِھاڻِ،
رِڻُ جهاڳِندِيَسِ راتِ جو، ساٿِي کَڻَندِيَسِ ساڻُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻُ گُهرِجي ساڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 23 ]

راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين،
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 12 ]
مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو،
ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 12 ]
جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، راڻي رِڻُ ڪِئو،
قَلبُ ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پُرزا ٿِي پِئو،
ٻُجهان ٻِيءَ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ ھِڪِڙي.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 13 ]
قَلبُ ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پُرزا ٿِي پِئو،
ٻُجهان ٻِيءَ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ ھِڪِڙي.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 13 ]
رِڻُ پَسِئو روڇا ڪَرِيين، چانگا چَڱي نَہ اِيئَن،
تاڻِي نِيندَءِ تَڪِڙو، مَيا مُومَلَ سِيئَن،
تَڏِھِين ڪَندين ڪِيئَن، جَڏھِن تاڙي ڏيندَءِ طاقَ کي.
[ سُر راڻو، وايون، 9 ]
تاڻِي نِيندَءِ تَڪِڙو، مَيا مُومَلَ سِيئَن،
تَڏِھِين ڪَندين ڪِيئَن، جَڏھِن تاڙي ڏيندَءِ طاقَ کي.
[ سُر راڻو، وايون، 9 ]
گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون رَھَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا ٿو رِڻُ وَھي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 10 ]