رِڻَ جي سنڌي معنيٰ
رِڻ پٽ صحرا، بيابان، ويرانو، ارءُ، آوازُ، جابانُ، دشت، برپٽ، ٿَرُ بَرُ، سُڃَ. غيرآباد، اُجاڙ، ڀِينگَ، بياباني، ويراني. بربادي، تباهي، ظلم، قَھَرُ، انڌيرُ، ناانصافي، بي انصافي، هاڃو، ناحق، ستياناس. جنگ، جنگ جو ميدان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A wilderness, desert or waste of salt earth, waste. Injury, destruction, evil. The black mark of a bruise or blow, a bruise. Field of battle.
رِڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا،
اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 19 ]
اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 19 ]
ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ،
گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 11 ]
گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 11 ]
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا،
ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 8 ]
ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 8 ]
سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ،
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو، راتو ڏِينھان رِڻَ ۾،
پَييون پُڇَنِ پاڻ ۾، ڪَنھِن مُنھِن ڪيڏارو،
کينِ کَڳَ مارو، ڪانِئرُ پِئو ڪِنُو ٿِئي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 7 ]
پَييون پُڇَنِ پاڻ ۾، ڪَنھِن مُنھِن ڪيڏارو،
کينِ کَڳَ مارو، ڪانِئرُ پِئو ڪِنُو ٿِئي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 7 ]
اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي،
آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾ رُڪَ رَئِي،
تيغِنِ تاءُ تِکو ٿِئو، سَگهي ڪو نَہ سَھِي،
رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی ، چَڙِهئو ڄامُ چَئِي،
سَمي سانگِ کَنئِي، سَرَڻِنِ جو سُکُ ٿِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 11 ]

پيرَ پَرِيندي ٺَرِئا، اِيندي لَٿِي اُڃَ،
مَنجِهہ وِيَرِي سُڃَ، ڪَرَ لَڌِي رِڻَ اُڪارِيين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 18 ]
مَنجِهہ وِيَرِي سُڃَ، ڪَرَ لَڌِي رِڻَ اُڪارِيين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 18 ]
کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ،
ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ،
جو ٻَھُون پاري ٻولَ، سو ھَٿان ڇَڏِ مَ شِڪرو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 24 ]