رَنگُ جي سنڌي معنيٰ
رَڱُ، هَلڪو وَرِنُ، هلڪو رَنڱُ. وکر جو هڪ قِسم، ڪنھن ڪپڙي يا شيءِ کي ڏيڻ جو رنگ. چِٽُ، چٽسالِي، نَقشُ، چِٽاڻ. رَتو، رَنگو، وَرَنو، روُپُ، رَؤنَقُ، چھرو. براج، سوڀيا، حُسنُ، خُوبِي، سُونھن، خوبصورتي، سُھڻائِي، جوڀَنُ. کَھِي، جواني.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Color, colour, amusement, merriment, mirth, pastime. A suit at cards.
رَنگُ جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ،
ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ،
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 19 ]

دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي رَنگُ،
ڳورِيءَ ھيٺِ اَيَنگُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 1 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 13 ]

وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ چئَي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 14 ]

ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ،
مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ،
ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي ٿِئو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 4 ]

سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ ۾ ڀَنگُ،
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]

ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ صِفَتان نُورُ،
جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 8 ]

نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ،
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]

ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين،
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو،
وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،
جٖي ڏُھارِيَنِ ڏاکَڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
نُورُ ناڪارو نَہ ڪَري، مُحَّمَدُ مِنَٿَ مَڃِيندو،
پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪَرمُ ڪَرِيندو،
تَنبُو آڻي تاوَ ۾، عاصِيَنِ لَيءِ اَڏِيندو،
داتا دوزَخِيَنِ کي، لِينگهو لَهرائِيندو،
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪُ رَنگُ مَٽِيندو،
ھِتِ پُڻ حامِي ھِنِ جو، اَڳِئان آڳَهُہ ٿِيندو،
طَھُورا تَڙِيَنِ کي، پانڊپُ پِئارِئيندو،
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ ، اَھُکِيءَ آڳَھُ ٿِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، ھادِي ھَٿُ جَهلِيندو.
[ سُر بلاول، وايون، 4 ]

رِيڌِيئَن پَسِي رَنگُ، ھُو جو مَٿي مَڻيي،
ڀورِي ڪِئوءِ نَہ ڀَنگُ، چَنيسَرَ جو چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 7 ]