روزُ جي سنڌي معنيٰ
ڏينھن، يوم، وارُ، تِٿِ، ڏِهاڙو، تاريخ. سَمون، وقت، زمانو، عرصو، ٽائيم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A day, daily.
روزُ جا بيتن ۾ حوالا
وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا،
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو،
پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو،
جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪِئو،
وَرِي وَرَقُ پِئو، گَڏُيِمِ وَڍُ وِصالَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 13 ]
پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو،
جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ روزُ ڪِئو،
وَرِي وَرَقُ پِئو، گَڏُيِمِ وَڍُ وِصالَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 13 ]
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان،
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ناسِيندي نِگاھَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ،
روزُ نِھارِينِ راھَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 1 ]
اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ،
روزُ نِھارِينِ راھَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 1 ]
ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري،
روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ،
عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو سِڪَ سَنڌوسِ،
ساھَڙَ ساھُ نِڌوسِ، نِيَرُ پائي نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 3 ]
روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ،
عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو سِڪَ سَنڌوسِ،
ساھَڙَ ساھُ نِڌوسِ، نِيَرُ پائي نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 3 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتي ڪوھَنِ ۾ ڪارِي،
سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي،
روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 12 ]
سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي،
روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 12 ]
اَدِيُون وِئا اُڪِرِي، ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ،
جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 14 ]
جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 14 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ،
قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ،
مُٺِي مَھمانَنِ سين، روئِي راتِ وِھاءِ،
جيلا نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 2 ]
قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ،
مُٺِي مَھمانَنِ سين، روئِي راتِ وِھاءِ،
جيلا نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 2 ]
پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ اَنڌِيُون،
وَڃِئو روزُ رَسَنِ، حَبيباڻي حُجري.
[ سُر آسا، مجازي مام، 2 ]
وَڃِئو روزُ رَسَنِ، حَبيباڻي حُجري.
[ سُر آسا، مجازي مام، 2 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ،
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]
English Meaning
A day, daily.