تُورُ جي سنڌي معنيٰ
مُند يا موسم جا گُل. ٻُونگر، ٻُورُ. مَدائتو ۽ ڪچڙو ڦَلُ، ڦَرُ ولين يا وڻن جو، ڏورَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A crop, spoken of such plants as spring up a second or third time.
تُورُ جا بيتن ۾ حوالا
ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري،
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي،
ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي، پَھسَ پِريان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِھاري نُورُ،
مَنجهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 1 ]

وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جو، سَدا اَٿِم سُورُ،
سِنجن ساٺِيڪَنِ تي، مَٿي تَڙَن تُورُ،
سَندو ساڻيھَ سُورُ، سو مُون آهي سُومَرا.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 6 ]
سِنجن ساٺِيڪَنِ تي، مَٿي تَڙَن تُورُ،
سَندو ساڻيھَ سُورُ، سو مُون آهي سُومَرا.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 6 ]
English Meaning
A crop, spoken of such plants as spring up a second or third time.