بابُو جي سنڌي معنيٰ
رمتو جوڳي، سامي، جوڳي، ھڪ قسم جو ساڌو لوڪ جيڪي دونھي دکائي ويھندو آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Yogi, sage, saint, faqir, a kind of Hindu Swami.
بابُو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين ۾ ٺارَ،
ڪوڙيِين ڪِيرَتِيا آيا، حاڪِمَ حُڪمدارَ،
سَوين سُوالي آيا، بابُو، بيکَڻَدارَ،
سَڀَ ڏَگمَگِئا ڏاتارَ، سُڻِي ڏانُ ڏِياچَ جو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 17 ]

ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي،
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 5 ]
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 5 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ بَرِي،
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]

ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ ڀَڀُوتُ،
سَرِيو سُون سُڪُوتُ، جوڳِيءَ سَندِيءَ ذاتِ کان.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 8 ]

بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ،
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]

چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]

بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ،
خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ،
ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 25 ]

بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ،
نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ،
ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 26 ]

بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ،
نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ،
سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 27 ]

سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين،
جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ تَنھِن تُلُ تُنبَڙِي،
تارِئو جَنھِن توڏِيءَ کي، نَہ سو گَهنڊُ نَہ گَهنڊِڙِي،
ڏارِئو جَنھِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھِن تِکَڙِي،
نَہ سَري نَہ سِنڌُ ڪا، نَہ ڪا ھِندُ ھِھَڙِي،
ڪوڙيِين واڄَٽَ ڪيتِرا، لَکين لاءِ ھَڻَندَڙِي،
ساراھِيَلَ جَا سُبحانَ جِي، تَنھِن واکاڻَ ڪِھَڙِي،
سَھِسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،
وَنءُ اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
بيخُودِ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندِي جَنِ ٻُڌَڙِي،
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، مَحَبتَ وارَنِ مِٺَڙِي،
مِٺايان مِٺِي گهَڻو، چُوندا جَنِ چَکَڙِي،
گهانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ ماڻُهو موھِيندَڙِي،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُئا جِيارَڻَ جِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 1 ]