اَچِئو جي سنڌي معنيٰ
اچِي، اچِيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Came. Visit.
اَچِئو جا بيتن ۾ حوالا
اَچِئو اَچِئو چُوَنِ، وِھُ وِئا تَہ گهورِئا،
سَرَتِيُنِ سانگُ سُکَنِ سين، مُون جِيئَن رَتُ نَہ رُونِ،
اُوءِ مَرُ ويٺِيُون ھُونِ، مُون ساگاتُو سُورَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 19 ]

اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻَنِ ۾،
سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ،
ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 22 ]

ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ ۾ پَئِي،
اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ،
اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِئو ويچارِيءَ وِسَرِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 10 ]

سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو،
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا،
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]

جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ،
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]

جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ،
ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ،
تُون ڪِيئَن تَنِ تَڙَنِ، اَچِئو اَسارِي گهِڙين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 7 ]

چَونِمِ مَرُ چَرِي ٿِي، پَرَ جي سَڏُ سُڻِينِ،
مَرُ مُونھِين کي ڏِينِ، ماڻُهو اَچِئو ميھَڻا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 29 ]

ڏوٿِي ڏَسُ ڏِينِ، آيَلِ ٻاروچَنِ جو،
اُتي ڇَڏي ھَلِئا، جِتي مِرُون ٿا مارِينِ،
اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙا، ڏَمَرَ ڏيکارِينِ،
وَڃان واٽَ نَہ ڏِينِ، جو پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 6 ]

سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ سارِئُمِ سُورَ،
اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ،
جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 10 ]