گُلُ جي سنڌي معنيٰ
ڦُولُ وڻ، ٻوٽي، ٻوڙي جو ڦُل. قسم گُلاب، موتيو، سوسن، سمن، زعفران، ڪَيسر، دائودي، سُنبل، آتشي، نرگس، گونٽو، بِنفشو، ياسمين، جاءِ گل، رتن جوت، خيرو، ٽانگر، ڪيتڪي، چنبيلي، مُگرو، کٽڻھار، نيلو فر، ڪنول، جافري وغيرہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Flower, rose, bloom, blossom, floweret, floret.
گُلُ جا بيتن ۾ حوالا
گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو دُئارُ،
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]
گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ،
ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ،
پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،
راڻِيُنِ ۾ راڙو ٿِئو، پَٽَنِ پيئِي پَچارَ،
جِھَڙو راءِ کَنگهارَ، ڪِينَ ٿيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 5 ]

گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ،
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون،
جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون،
سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون،
سو موٽِي ڪِيئَن پاھُون، جو گُلُ گُجَرِ کي گَڏِئو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 16 ]
جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون،
سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون،
سو موٽِي ڪِيئَن پاھُون، جو گُلُ گُجَرِ کي گَڏِئو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 16 ]
جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ ڪونِهي مُلُهہ،
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]
English Meaning
Flower, rose, bloom, blossom, floweret, floret.