پاندِ جي سنڌي معنيٰ
پڇڙيءَ وٽ، ڇيڙي وٽ، نوڪ تي، چوٽيءَ تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On the tip, at the edge, last limit.
پاندِ جا بيتن ۾ حوالا
عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]
حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ،
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 12 ]
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ،
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 12 ]
ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو،
پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو،
جانِي ھِنَ جَھانَ مان، وَڃُ لاڳاپا لاھِيو،
آگي پَنھِنجي اِحسانَ سين، ٻانَهنِ تي ٻاجهايو،
بابي بِيبِيءَ فاطِمه جي، بارُ سَڀو بَخِشايو،
”نَفسِي نَفسِي“ سَڀَڪو، ڪَھِيو اُتِ ڪَھَندو،
”اُمَتِي يا اُمَتِي“ ڪَھي، رَسُولُ رَبُ سَندو،
نيزي پاندِ نَمِي، اَلا، سَختِي شَمسُ ڪَرِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ تي، حَضَرت ھَٿَ ڌَرِيندو.
[ سُر سريراڳ، وايون، 10 ]

جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، ويٺِي نَہ ويساندِ،
ويئِي لَھِرِيين پاندِ، مُيائِي ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 10 ]
ويئِي لَھِرِيين پاندِ، مُيائِي ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 10 ]
رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون،
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 22 ]
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 22 ]
تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ،
ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا،
ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو،
آيُون جو آسَ ڪَري، مَرُ پاندِ تَنھِنجي پوءِ،
ڏِنُئِي نامَ اللهَ جي، سو سِرُ سُڳَندو ھوءِ،
جِمَ موٽائِيين مَڱِڻو، اُڀِي راڻِي خاتُونَ چوءِ.
[ سُر سورٺ، وايون، 2 ]

جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو مَڱَڻَھارُ مَ موٽاءِ،
جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ،
جو گهُران سو گهوري ڏي، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ،
اَٿَمِ آسَ اِھا، تَہ وَڃِي ڏيکارِيان ڏيھَ ۾.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 13 ]
جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ،
جو گهُران سو گهوري ڏي، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ،
اَٿَمِ آسَ اِھا، تَہ وَڃِي ڏيکارِيان ڏيھَ ۾.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 13 ]
راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين،
وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ،
ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 1 ]
وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ،
ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 1 ]
ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي کانڌِ،
پاڻان ڍَڪي پاندِ، عَيبَ مُنھِنجا ڍَڪِئا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 10 ]
پاڻان ڍَڪي پاندِ، عَيبَ مُنھِنجا ڍَڪِئا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 10 ]
پائي پاندِ ڪَپاھُ، مُون آتَڻَ سَڀَ نِھارِئا،
کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 31 ]
کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 31 ]
English Meaning
On the tip, at the edge, last limit.