پاندُ جي سنڌي معنيٰ
پلئُہ، پلاند، دامن، جهولِي، ڍَڪُ، پردو، حَد، ڇيھُ، ڪنارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The part of a garment that hangs below the chest, the lower part of a shirt, etc.
پاندُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،
پايو پاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زارِي،
ڪانُ ھَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 6 ]

جيڪِي ڏِٺُئِي تارِ ۾، ڪَنڌِيءَ سو ڪَھيجِ،
جَرُ وَڏو جهاجِهہ گهَڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ،
ساھَڙُ ساڱاھيجِ، تَہ ثابِتُ لنگهين سِيرَ مان.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 25 ]

ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]

ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، وَسِ نَہ ويچارِي،
ھوتَ تُنھِنجِي ھَٿَ ري، پَھچي نَہ پارِي،
اَچين جي آرِي، پاندُ، جَهلي لَڪُ لَنگهِيان.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 10 ]

لَڪَ مَٿي لٽِڪي، ڪَريو سَٻاجها سَڏَڙا،
ويدِيَسِ ھوتَ پُنهونءَ سين، پاندُ جَهلِئو پَٽِڪي،
مَران تَہ مانُ لَهان، ساھُ پِريان تان صَدَقي،
سا اوري ڪِيئَن اَٽِڪي، جَنھِنَ جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 20 ]

ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين،
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]

ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ مِڙُوئِي مُون،
آئُون اَسُونھِين اُو سُونھان، پِرِين ڀَلا پَرڀُون،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جو، پاندُ نَہ پُڄتوسُون،
جَنِ جو تُونھِين تُون، سي پِيادِيُون پھچائِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 14 ]

ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي، آيُسِ تُنھِنجي دَرِ،
سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ،
ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پينارَ جو.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 11 ]

جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِياسِ،
سوڍا اِنَ سُھاڳَ کي، ويٺي واجهاڻِياسِ،
ڍولا تو ڍَڪِياسِ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 22 ]

ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ ڪِي ڍولِي،
ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي،
ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ کولِي،
راڻو نَہ رولِي، مَدِيُون پَسِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 23 ]