آھِيُون جي سنڌي معنيٰ
ھُجون، موجود آھيون. (فعل’هئڻ‘ مصدر مان متڪلم جمع سان استعمال ٿيندڙ) جيئن اسين آهيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
We are. Self state of being (used in plural), we exist.
آھِيُون جا بيتن ۾ حوالا
نَڪِي آھِيُون چُوھَڙا، نَڪِي آھِيُون چورَ،
ھاگاما ۽ ھورَ، ڪُتا ڪَرِيين ڪَنِ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 7 ]
ھاگاما ۽ ھورَ، ڪُتا ڪَرِيين ڪَنِ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 7 ]
ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون ساڌَ صَحِي،
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ،
وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ،
مَھيسِي مُنھُن پانھِنجو، ڌاران ڌُوڙِ نَہ ڌُوَنِ،
اِيئَن ڪَنھِن کي نَہ چُوَنِ، تَہ آديسِي آھِيُون.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 8 ]

جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا،
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
آھِيُون اَجهي جَنھِن جي، تَنھِن وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ،
ٻاجَهہ جَنھِن جِي ٻارَ، اَٺَئِي پَھَرَ اگُوندَرا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 17 ]
ٻاجَهہ جَنھِن جِي ٻارَ، اَٺَئِي پَھَرَ اگُوندَرا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 17 ]
نَنگا آھِيُون نِکَتا، اَسِين مارُو لوڪَ،
ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 8 ]
ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 8 ]
عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاڪَ،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،
عُمَرَ آھِيُون آکَ، پَھرِئو ئي پَنَ چَران.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 14 ]
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،
عُمَرَ آھِيُون آکَ، پَھرِئو ئي پَنَ چَران.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 14 ]
English Meaning
We are. Self state of being (used in plural), we exist.