ھُئَين بابت
معنيٰ
آھين جو ماضي صيغو، موجود ھئين
You were
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُئَين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جِيءَ جَڏو ٿِئَين، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوھُ نَہ ڪِيَئِي ڊَڀَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ، پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ، تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- سينڌو ھُئَين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئَين ھِيئَن، جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏِينھَن، جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- آئُون ڏورِيين شالَ مَ لَھين، پِرِين ھُئَين پَري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، تَنَ تَسَلِي نَہ ٿِيي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ، وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ، سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ، اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ، توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، نِسورو نَرَڳُ، گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ، عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين ڪالَهہ، لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ، سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]