ڪِينَڪِي بابت
معنيٰ
ڪِي ڪِينَ، ڪجهہ بہ نہ، حَقير، خسيس.
None any, not anyone, nothing. Mean.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا، اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا، جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ، جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ، جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- سُونھان سُڌِيُون ڏِينِ، اِنَ ديواني دَرياھَ جُون، ڪوڙَ اوڏا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ، عِجزَ جو اَڌ راتِ کي، وَڻِجُ وِھائِين،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- اَکِيُون مُنھُن ميھارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي، ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي، تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون، جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- مُون کي ڏِيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪا مَتِ، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪَڍَ پُنهونءَ جِي ڪاھي، چاٽِيءَ رُوحُ چَرِيو ڪِئو، اُٿِي ويٺي اوڏَھِين، سُتي پُڻ ساھي، اَلعِشقُ حِجاب بَينَ العاشِقِ والَمعشُوق ،…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇُ ڪُتي سين ڪِينَڪِي، پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس، سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو، شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ، مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ، مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ، ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ، بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ، ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ، مُون تان…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو حُضُورُ، پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ، اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ارڙَھين ڏِينھِن اُٿئا، ڌاڳَنِ کي ڌوئِي، سامِي سُکُ نَہ سَنبِرِئا، ڪو نَہ ڪَڏِھِين ڪوئِي، ھُئَڙُنِ سُورُ سَماعَ جو، جَڳَٽَ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- تَڪِيَنِ سين توڙان، ويراڳِيَنِ وَڻي ڪِينَڪِي، ڄَراٽِي ڄيرَنِ سين، ڪارا ڪِئائُون ڪوڙا، آسَڻَ اجوڙا، سَجوڙا سين سَڄَڻين.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ، وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، اَندَرِ آڳِ جَلاءِ، جَنِ کي سَڄَڻَ جِي ساڄاءِ، تَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ، سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ، جٖي واڳُو واتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو، رَضا راڄُ سَندونِ، ٻِئو مُوران مَڱَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ياد گُروجَن گودَڙِيا، بيٺا بازَرِ ڪولِ، نانگا پنھنجي ناٿ سين، وڃن ڳولا ڳولِ، ڪَنھِن جَنھِن ٻولِ، چوٽا ڇوڙِين ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- سامِي چَئجي تَنھِن کي، جَنھِن سَڀَنِئان سَري، پَرَ گهَرِ وَڃي ڪِينَڪِي، گهَران ڪِينَ گهُري، پُٺِيءَ پيرَ پُري، حَقِيقَتَ ھادِيءَ جي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو، تَنِ پُڻي نَہ پارو، ٻارَڻُ ٻارِينِ نَہ باھِ جو، سَڄو سِيارو، آرَڙ اُونَهارو، اُوءِ لُڪَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ، وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ، توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي، اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾، تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ، جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ، مارُنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ماڙِنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي، مارُنِ لاءِ، ڪَرَلَھَندا ڪَڏِھِين، مُنھِنجِي اَچِي ماءِ، سانبِيَڙا سَنداءِ، ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]