ڪِينَڪِي جي سنڌي معنيٰ
ڪِي ڪِينَ، ڪجهہ بہ نہ، حَقير، خسيس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
None any, not anyone, nothing. Mean.
ڪِينَڪِي جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا،
اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا،
جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 16 ]
اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا،
جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 16 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ،
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
اَکِيُون مُنھُن ميھارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي،
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي،
مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون،
جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 26 ]
مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون،
جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 26 ]
مُون کي ڏِيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪا مَتِ،
ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 25 ]
ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 25 ]
ڪَڍَ پُنهونءَ جِي ڪاھي، چاٽِيءَ رُوحُ چَرِيو ڪِئو،
اُٿِي ويٺي اوڏَھِين، سُتي پُڻ ساھي،
اَلعِشقُ حِجاب بَينَ العاشِقِ والَمعشُوق ، لا شَڪُ ٿِيءُ لاھي،
آرِياڻِي آھي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 17 ]
اُٿِي ويٺي اوڏَھِين، سُتي پُڻ ساھي،
اَلعِشقُ حِجاب بَينَ العاشِقِ والَمعشُوق ، لا شَڪُ ٿِيءُ لاھي،
آرِياڻِي آھي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 17 ]
ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇُ ڪُتي سين ڪِينَڪِي،
پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان بَسِ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 11 ]
پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان بَسِ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 11 ]
ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو،
شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ،
مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 16 ]
شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ،
مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 16 ]
مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ،
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]
English Meaning
None any, not anyone, nothing. Mean.