پَئُہ بابت
معنيٰ
مٿان ڪر، اندر وڃ، گهريس، داخل ٿي، پويس
Fall, tumble, to lie down, to occur, befall, happen, enter upon, penetrate.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي، تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي، وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي، ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي، عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي، مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي، ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو، ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ، مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ، ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ، مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- راجا راتِ رَمِ ڳيَو، جُهونا ڳَڙُه جهوري، ڏِنو سِرُ ڏِياچَ، ڪُلَهنِ تان ڪوري، وَٺُ مَٿو تُون مَڱڻا تَندُنِ سان توري،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَئُہ مَ مُنڌَ مَرِي، ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِين…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- لَنئُن لَطِيفِي لاتِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي، واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ، ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ، لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ. آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھاڻِ، لَلَنِ کي لَطِيفُ چئَي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ، ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو ھَنجُ حَبِيبَ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھورِ، اُونُهون جو اَڇو وَھي، گِهڙِي تِئائِين گهورِ، ڏَنِيُون ھَڏِ مَ ڏورِ، گهورِئو گُپُ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]