مَرَنِ بابت
معنيٰ
وفات ڪن، رحلت ڪن، رضا ڪن، چالاڻو ڪن، هلاڪ ٿين، لاڏاڻو ڪن، مري وڃن، فوت ٿين، پران تياڳن، جان ڏين، ساھ ڇڏين، دم نڪرين، دم ڏين، گذاري وڃن، انتقال ڪن، پساھ ڇڏن، تمام گهڻو چاهن، بيحد پيار ڪن، ڏاڍو شوق رکن، گهڻو گهرن. عاشق ٿين، شيدا ٿين (بک ۾) پاھ ٿين. جان جوکي ۾ وجهن، ڪشٽ ڪاٽين، ڏاکڙا ڏسن، تڪيلف محسوس ڪن، تنگي محسوس ڪن، سعيو ڪن، (مئو، مَرندو، مُئل)
Die, expire, kill, eliminate, terminate
بيتن ۽ وائين ۾
- ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ، سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن، ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ، ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا، اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا، جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ، ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ، جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مَنجِهي جِتِ مَرَنِ، مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ، اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ، پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ، جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ کي اَندَرِ لَھي نَہ اُڃَ، پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ، تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ، ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- عُمِرِ سَڀَ عِشقَ سين، پُنهون جٖي پُڇَنِ، رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ، مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ جُڳُ سي جِيَنِ، موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ سِرُ سَڀَ ڪَنھِن، سَتِيُون سَڀَ مَرَنِ، جٖي وَرَنِ ساڻُ وِنگِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ، ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِنِ، جٖي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تَنِي جِي ھَنجَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اُٺَ پُٽَ اُٺَنِ جا، مَرَنِ مَ موڏا، پُويو پُويو پايان، ڪَرَھَنِ کي ڪوڏا، اَچَنِ جي اوڏا، تَہ لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻُ تَنِي ميھَڻو، اِيءُ مَرَڪُ مَعذُورِنِ، جِيئَن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو، تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ، ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ جِي مَنَ ۾، اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ، تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- گها اُھي گهاتُو ڳَيا، گهوري نَہ ڄاڻَنِ، جَنھِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سا پَرِ ھِي نَہ سِکِئا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ، سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ، ھِي ڇارُون ۽…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِيُون کِنوَنِ، پائُرُ سَڀَ پُسائِيو، وَسِي وِڄَڙِيُنِ، مارُوءَ ري مَ مَرَنِ، اللهَ آسائِتِيُون.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪالوڻِئو ڪَنگَنِ، اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ڪَوَنرَ پاڙُون پَتارَ ۾، ڀَؤُنرُ ڀِري ۾ سُڃَ، ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، عِشقَ اِي اُھِڃَ، تَہ پُڻ مَرَنِ اُڃَ، جي پِيو…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]