لُڙَ بابت
معنيٰ
لُڙاٽُ، ڌُنڌ، ڪوهيڙو، ڊونگرُ، غبارُ، انڌڪار، ماڪ، اوندھ. هُلُ، شور، گوڙ، واڪو واڪاڻ، رڙورڙ، مونجهارو، گڙٻڙ، گهمسان، ٻائيتالُ، بگيڙو، رولو، گِهمگوڙ، ماڇانگ، هنبس، غلغلو، هُلڙُ، هنگامو، ڌَمچَرُ، مَمَڻُ.
Muddiness, a fog, mist. Noisy chatter, clamor, confusion, tumult, riot.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَمُنڊَ جٖي سيوِينِ، ماڻِڪَ تَنِي ميڙِئا، چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيُونۡ.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين، مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ، ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ويھُ سي وِساري چَڍا جي چِلُڙَ جا، ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ، ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ، چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ ۾، پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ، سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ، ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ھاواڻا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا، لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ، جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- آھِين ھِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَھو تارِ جو، لَهرِيين لُڙَ لَطِيفُ چئَي، جَهلِئا جُنگَ جُوانَ، اُونِهي تَڙِ آڳَٽِئا، آڏِي پائي آڻَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھَنجَڙا ھيلاڊُ ٿِي، گُونُون مَ گهوريجِ، پَسِي لُڙَ ڊَھڪِيُون، پَکَ مَ لَمائيج، سو سَرُ ساڱائيجِ، جِتِ پارَکَ ٿيندي پَکِيين.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، ھَنجَ حُضُورِي سي، چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي، لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- اَڇو پِئو اَڇاھُ، تَہ اَڇا ئِيءَ اُبَھو، وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ، سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- جَنھِن پاڻِيءَ ۾ پُونئَرا، چِلُڙَ چِڪَ گهَڻِي، وِئا چِتُ کَڻِي، تَنھِن سَرَ مَٿان ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ، مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ، ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ ڏيجِ مَ چَسُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ، پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]