فانِي بابت
معنيٰ
فَنَا ٿيندڙ، فنا ٿيل، ختم ٿيندڙ، نابود ٿيندڙ، مرندڙ. گم ٿيندڙ، عدم پيدا ٿيندڙ. بي بقا، ناپائدارُ، گهاتي.
Evanescent, destructible, mortal, perishable.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي، فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ، يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي، حُسينَ ڪُون، نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي، جِنان دي گهوڙي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو، لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي، ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ، ٻولَڻُ ٻوڙَنِ سين پِئو، سَندا فانِيَنِ فَنَ، ڪي گهُرِجَنَ ڪَنَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي ٿِئا فِي اللہِ ۾، نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ، جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]