سَچُ بابت
معنيٰ
سَتُ، بيشڪ. ساڀُ، صاف، پاڪ، نجو، خالص، حق، برحق، سچ پچ، راستي، صداقت. صحيح، نج، ها، واقعي، نيڪ، درست. يقينا، حقيقتا. ساڀيان، صداقت، کرو، چوکو. هوبهو، ساڳيو.
Truth. (adj) True, real. adv. Indeed, trutly.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين، ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ، مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ چَوانءِ سَچُ، جي مَٺِين نَہ ڀانئِيين، جو تو ۾ ٻَري مَچُ، سو پَدَمُ پِريان جي پيرَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ، مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي، پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سُونھان سُڌِيُون ڏِينِ، اِنَ ديواني دَرياھَ جُون، ڪوڙَ اوڏا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ، عِجزَ جو اَڌ راتِ کي، وَڻِجُ وِھائِين،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ اَچُ، ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو ھَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ، ساڻِي جَنِ سَچُ، ٻُجهان سي…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھلِبَيتَ آيا، ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا، سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو، مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ، اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڏوٿِيا ڪو اوٺِيَنِ جو، مُون کي اُھُڃُ ڏِئو، سَچُ ڪِي ساٿَ نِيو، پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ووءِ ووءِ وِڏوڻا، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا، مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا، لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ…[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڳَورا ۽ ڳُوڙھا، سَڄَڻَ ڊاکَ ڇُڳَنِ جِيئَن، مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا، سَچُ ڪِ نِڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سَڃِيين.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، ڳاڙِھائِيءَ جو ڳَچُ، سامِي چَئِجِ سَچُ، ڪِٿان اَچين ڪاپَڙِي.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ، لَٿو تَنِ لَطِيفُ چئَي، جُسي جو زَنجِيرُ، ڪِينَ ڏِٺو ڪاپَڙيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين، ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ، اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ، ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ، ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ،…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِئو، مَڃَرُ تو مَٿان، ڇَڻِئو پوئي ڇُڳِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِئا، جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو، مادَرِ ھُئا مَلُوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪاڇي ڪاھِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو، مُون تَنُ مارِئائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- سَرَتِيُنِ سَختُ چَوايو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ، سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ، مارُوءَ ريءَ مَ مَچُ، شِيھو ڀانِئجِ سونَ کي.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سي ساھيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِي جو سِيلُ، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سَچُ ڪِ اُٺا مِينھَن، مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، تَنِ ڏوٿِيَنِ لايا ڏِينھَن، پَھرِئا جٖي پُسِيءَ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- نُورِيءَ جَي نَوازِئو، ٿِئو تَماچِي تي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيَڙِيَيئن مي، ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، سَچُ سَڀَيئِي ڳالِهڙِي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]