سانگِ بابت
معنيٰ
سانگ تي، سفر تي، پرڏيھ ڏانھن، پري ڏُور.
On or in travelling. Traveling to far roots.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ، رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ، جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سانگِ مَ وَڃَنِ سُپِرِين، مَرُ ھيڪاندا ھُونِ، اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ، وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڄاتُمِ نَہ ڄاڻِي، تَہ ڪِ سانگِ ھَلَندا سُپِرِين، آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي، پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ، ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِنِ، جٖي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تَنِي جِي ھَنجَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو، راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي، ھِيءَ رَضا…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو، اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ، جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- پَرٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون، جَنِي مُون کي مارِئو، سُورَنِ سين ساڙي، ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان، سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان، سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- سُورَ مَ وَڃيِجا، سَڄَڻُ جِيئَنِ سانگِ وِئو، پِرِينءَ پُڄاڻا، آئُون اَوِھان سين اورِيان.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي ڪالِهُوڻا، لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ووءِ ووءِ وِڏوڻا، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا، مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا، لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ…[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ساٿِيَنِ سِينءَ نَہ جاڳِينءَ، پوءِ ڪُڄاڙِئا روءِ، اِيءَ پَرِ ڪُپَرِ ھوءِ، جِيئَن ھُوءِ سانگِي تُون سُمَهين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڪانگَ نيئِي ڪانگِ، مُنھِنجِي ڏي مَحبُوبَ کي، لالَڻَ لايَئِي ڏِينھَڙا، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگِ، اَوِھان ريءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھَ وَسايان.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ، ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ، سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ، ھو مَھائِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- سَرَڻِنِ جي سُکَ لاءِ، سانگِ کَنئِي سَردارَ، جٖي اَبِڙي آيُون آڌارَ، سي سُنگُ نَہ ڏِيندِيُون سُومَرِيُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ڪَنڌِيين اڪَ ڦُلارِئا، سانگِ سُڪو گاھُ، مَھِراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ، اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ، ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مَ سَپَنِي مارُئِي، مُئِي مَ ڄائِي، جَنھِن اَچِي عُمَرَڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي. جا سانگِيَنِ سَڏائِي، سا ڪِيئَن مَرَڪي ماڙِيين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ھَٿين ھَٿَ ڪَڙولَ، ھِينئَڙي پِئَمِ اُنِ سين، سانگِي سارِئَمِ سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ، ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نَہ ڪوٽَ وِھَڻَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ، سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ، عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- تَنِ رَهيَنِ وَٽان لَڏِ، جَنِ جِي ناھِ مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ٿَرِ ڪِئائُون ٿاڪَ، سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ، جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کاڄُ جَنِي جو کِکِيُون، مالُ جَنِي جا مَڏَ، سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھِيڻا جَنِ جا ھَڏَ، ڄامَ پَرَتِيَئِي لَڏَ، سانگِيَنِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]