سانگِ جي سنڌي معنيٰ
سانگ تي، سفر تي، پرڏيھ ڏانھن، پري ڏُور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On or in travelling. Traveling to far roots.
سانگِ جا بيتن ۾ حوالا
ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ،
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
سانگِ مَ وَڃَنِ سُپِرِين، مَرُ ھيڪاندا ھُونِ،
اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 10 ]
اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 10 ]
ڄاتُمِ نَہ ڄاڻِي، تَہ ڪِ سانگِ ھَلَندا سُپِرِين،
آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي،
پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 20 ]
آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي،
پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 20 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ،
ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِنِ،
جٖي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تَنِي جِي ھَنجَ ۾.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 14 ]
ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِنِ،
جٖي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تَنِي جِي ھَنجَ ۾.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 14 ]
جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو،
راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي،
ھِيءَ رَضا رَبانِي، نَہ تَہ ڪَرِيان وَسُ وِصالَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 1 ]
راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي،
ھِيءَ رَضا رَبانِي، نَہ تَہ ڪَرِيان وَسُ وِصالَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 1 ]
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان،
سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان،
سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 12 ]
سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان،
سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 12 ]
سُورَ مَ وَڃيِجا، سَڄَڻُ جِيئَنِ سانگِ وِئو،
پِرِينءَ پُڄاڻا، آئُون اَوِھان سين اورِيان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 6 ]
پِرِينءَ پُڄاڻا، آئُون اَوِھان سين اورِيان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 6 ]
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي ڪالِهُوڻا،
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
ڪانگَ نيئِي ڪانگِ، مُنھِنجِي ڏي مَحبُوبَ کي،
لالَڻَ لايَئِي ڏِينھَڙا، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگِ،
اَوِھان ريءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھَ وَسايان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 27 ]
لالَڻَ لايَئِي ڏِينھَڙا، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگِ،
اَوِھان ريءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھَ وَسايان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 27 ]
اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]