سانگو جي سنڌي معنيٰ
سٺو سبب، پورو وَجهہ، پورو ٽَڻُ، پورو وقت، پوري مھل، وقت سِر. ڪاروبار، ڪوٺي، ڪم. واسطو، لاڳاپو. نھار، خيال، پرواھ. لحاظ، عزت، ادب. هاءُ ڀاءُ، اورانڀو. واسطو. اتفاق. قسمت. آسرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A caravan, companionship, a fit, opportunity, a convenient time. Concern, regard, sake.
سانگو جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي،
ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي،
عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 18 ]

تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 2 ]

اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو،
لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو،
ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ جي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 32 ]

ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪَنِي سانگو ساھَ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙَنِ جٖي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 9 ]

ڪو جو لَڳُسِ ڪانُ، آرِيءَ جي عِشقَ جو،
نِڪِرِي ٿِي نِيشانُ، ڇَڏي سانگو ساھَ جو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 18 ]

جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا،
سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ،
جِيئَن پارو پَوارا ڪَري، تِيئَن سُمَرِڙِيُون سوِرِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اُونڌي ڪَنڌِ اورِينِ،
جُهوپا نَہ جوڙِينِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 10 ]

ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهہ دَرياھَ،
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 2 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو ڇَڏي ساھَ،
ويچارِيءَ وڏِيُون ڪِيُون دانھُون مَنجِهہ دَرياھَ،
ٻَر ٻانھُن ڇڏِئو، وييَسِ چُڪِي واھَ،
مَدَدَ ريءَ ميھارَ جي، غَرَضَ سَڀَ گُناھَ،
نُورِي ڪَرِ نِگاھَ، ساھَڙَ لنگهِيان سِيرَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 17 ]