دانھَڙِي بابت
معنيٰ
سَڏُ، پُڪار، ڪُوڪارَ، فرياد، نالش، آھَ، شڪايت.
Complaint, vow, cry, appeal.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي، ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي، حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي، مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ، جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي ڀَرِ رَهَنِ، مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ، مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]