حُضُورِ بابت
معنيٰ
حضور ۾، حاضريءَ ۾، موجودگيءَ ۾، روبرو ٿي. درٻارِ ۾.
In presence of a superior authority.
بيتن ۽ وائين ۾
- رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي، ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ، اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ، مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ، جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان پَري ٿِئو، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ، تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- داڳُ تُنھِنجو دائِما، ماري مَعذُورِيين، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، وَڃِج مَ ڏُورِيين، آئُون تو حُضُورِييَن، مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سيڻَ سانڀيٽِئا، جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اِيئَن چَوَندِي ڪيرَ، تَہ ٿِيَسِ ساڃارِي سين سَڄَڻين، دائِمُ اِنَ دَرٻارِ جا، ڦَران پَسِئو ڦيرَ، جَنِ حُضُورِي ھيرَ، ڪَري تَغِيرِيُون…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مُورِ، گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، ويندِيَسِ هُتِ حُضُورِ، مَڇُڻِ ٿِي مَلُورِ، ڪَنڌُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ، حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ، سَنجهي سَتِ گُذارِيان،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ، سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو، ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ، اُڀِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، ھَنجَ حُضُورِي سي، چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اِي، لوڪَ نَہ لَکِئا تي، جيلانھَن…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ٿِئو حُضُورِي ھاڻِ، سوجها پييَسِ سَرَ جِي، کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ، ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]