جِھَڙا بابت
معنيٰ
جَھِڙا، وانگي، جيان، ھُوبَھُو.
Such as, in such manner as, according as, like, resembling.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ، ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ، ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ، کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- جِھَڙا ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِھَڙِي ڏُونگَرَ ڏيٺِ، آئُون تَنھِن ھيٺِ، پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ، چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ، پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون، اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ، مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- جِھَڙا ڪَڻِڄِ ڪَکَڙا، تِھَڙا جائِنِ ڦُلَ، تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ، اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھَن جِي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، لاھي لانگوٽِي، جِھَڙا آيا جَھانَ ۾، تِھَڙا وِئا موٽِي،…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ، ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي، آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]
- جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي اَٺِين پَتِي جي اَڳُ چَيَئِي، تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ، جِھَڙا کَنيَئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڍورُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، مَھِندِ مَلاحَنِ لَکِئو، موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ، جَسودَنَ جِھَڙا يارَ، پِئا ويرَ وِماسَ ۾.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- جِھَڙا مُنھَن مُھاڙَ، تِھَڙا پُٺِيرا سُپِرِين، نَظَرُ ڪَري نِھارِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُھان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]