ماھَ بابت
معنيٰ
ماسَ. (چنڊ جي حساب موجب) مھينا.
Months, lunar months.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو ھَنڌُ خالِي ناھِ، جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن، مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي، مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي، مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جو، مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو، سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وَڻِجاري جِي ماءِ، وَڻِجارو نَہ پَلِيين، آيو ٻارَھين ماھَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبَھي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا، چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ، سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ، ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ، وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان اُٺَ ناھِ، وِھاڻِيءَ ٿِي ووڙِيان، ڪيچِي وِئَڙا ڪانهَنُ، جي مُٺِيءَ جا مَنَ ماھَ، سي…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ، جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو آديسِي آيو، چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو، لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ، پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ، جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ، نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ، ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ڇَڏِ سَٻَرايُون سُومَرا، عُمَرَ لَڳِ اللهَ، ٿِئَم نَہ ٿورا ڏِينھَڙا، ماڙِيين گَهارِئَمِ ماھَ، سِڪَ مُنھِنجي ساھَ، مارُوءَ جِي مَسَ لَھي.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]