لَڪِيُون بابت
معنيٰ
جبل يا ڀِٽَ يا ٽڪرين جي وچان ويندڙ لنگهہ، جبل جا رستا يا اڻانگا لنگهہ. ڀٽون، واٽون، لانگها.
Passes between hills or through a mountain, waists, loins.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري، اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي، جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو، آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي، پُڇان واٽَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ، اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ، لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ، پُرڻُ پُنهونءَ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ، آئُون اَوَھان جِي آھِيان، پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- گَجئا ڪِينَ گَڙَنگَ، ٻَڌي مُنھِن پَلاڻِئا، اوٺِيَڙا اَڙٻِنگَ، وِئا لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا، پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ، سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،…[ سُر ديسي - وايون ]
- مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي لَڪِيُون، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا، جَتَ پَنھِنجِيءَ جاءِ، رُوئَڻَ رَتُ جُڳاَءِ، تَنِ ھوتَنِ جي ھيڪاندِ لَيءِ.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- لَڪِيُون آن لَڳا، ڪِ پَلَؤَ پانڌِيَنِ جا، تُھان گَهڻيرو ماءِ، رُوَندا اُوءِ رَتُ وِئا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِ ڪوھِيارا وِرمِئا، جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ھُوءِ ڏوٿِي ھُوءِ ڏِينھَن، ھُوءِ ڏُونگَرَ ھُوءِ لَڪِيُون، ڪَنھِن جَنھِن لَڌا نِينھَن، ڀُڻان لَهسَنِ لُڪَ ۾.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پِڙَ ۾ اُڀو پاڻِ، ساٿِيَڙَنِ سَڏَ ڪَري، ڀَلي جِيءَ لاڏاڻِ، سَڀَ لَنگهَندا لَڪِيُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]