سُتَڙِ بابت
معنيٰ
ڪنڌي سڻائو تَڙُ، سٺو گهيڙُ، سھنجو تَڙُ. سٺو ماڳُ، سَوِلو هنڌ. برصواب، سالم. سنئين واٽ، سڌو رستو، چڱو پارُ. (ضد. اَوتَڙُ، ڪُتَڙ، ڏتَڙ.)
Enlighted path, right way, straight way
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ، ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ، بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري، دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري، طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي، سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ، پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ، جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ، اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو سُلِطانِي، سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي، بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا، سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ، سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]