رَءِ بابت
معنيٰ
سمورا، سربستا، حَقي، سچا، صحيح، برصواب، پُوريءَ طرح، ٺِيڪ، پُورا، تحقيق، بلاشڪ، بيشڪ، برابر، پُورڻ، درست، واجب راسُ، اصل حَق ڪري.
Right, correct, all, rightly.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا، اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا، جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو، ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو، جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان، تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون، مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ، آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڏُکِيُون جانۡ نَہ مِڙَنِ، تانۡ تانۡ ڀَنَڻُ نَہ ٿِئي، ٻِيُون ھُونھِين ھَٿَ ھَڻَنِ، رِياءَ مان رَءِ پَئِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- نَہ ڪِي ٻانھَڙِيُنِ ۾، نَہ ڪِي ڳَرِ ھومِ، نَہ سُرمو نَہ سُونھَن ڪا، نَہ سِينگارُ ڪِئومِ، تَڏِھِين پِرِين سَندومِ، رُکو…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان، رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون، پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]