رَءِ جي سنڌي معنيٰ
سمورا، سربستا، حَقي، سچا، صحيح، برصواب، پُوريءَ طرح، ٺِيڪ، پُورا، تحقيق، بلاشڪ، بيشڪ، برابر، پُورڻ، درست، واجب راسُ، اصل حَق ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Right, correct, all, rightly.
رَءِ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا،
اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا،
جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 16 ]
اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا،
جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 16 ]
مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني نَہ ڪِئو،
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
ڌاتِ ڌَرَنِئان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلا پِئو، ناھِ نِھايَتَ تَنھِن سين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 18 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ،
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
ڏُکِيُون جانۡ نَہ مِڙَنِ، تانۡ تانۡ ڀَنَڻُ نَہ ٿِئي،
ٻِيُون ھُونھِين ھَٿَ ھَڻَنِ، رِياءَ مان رَءِ پَئِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 33 ]
ٻِيُون ھُونھِين ھَٿَ ھَڻَنِ، رِياءَ مان رَءِ پَئِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 33 ]
نَہ ڪِي ٻانھَڙِيُنِ ۾، نَہ ڪِي ڳَرِ ھومِ،
نَہ سُرمو نَہ سُونھَن ڪا، نَہ سِينگارُ ڪِئومِ،
تَڏِھِين پِرِين سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ کَڻي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 11 ]
نَہ سُرمو نَہ سُونھَن ڪا، نَہ سِينگارُ ڪِئومِ،
تَڏِھِين پِرِين سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ کَڻي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 11 ]
اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان،
رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون،
پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 23 ]
رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون،
پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 23 ]
اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان،
تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون،
مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،
پُنِيَنِ مُدَعائُون، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 12 ]