گهَڻِي جي سنڌي معنيٰ
جهجهي، مَڻي، زيادہ، جام، بسيار، جال، ڳَپل، ٻَھون، گائبي، سُٻَيل، ڏاڍي، ڳچ، ڪئين، ڍير، وافر، ريل، ڇيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Large, big, plenty.
گهَڻِي جا بيتن ۾ حوالا
وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

جيڪِي ڏِٺُئِي تارِ ۾، ڪَنڌِيءَ سو ڪَھيجِ،
جَرُ وَڏو جهاجِهہ گهَڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ،
ساھَڙُ ساڱاھيجِ، تَہ ثابِتُ لنگهين سِيرَ مان.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 25 ]
جَرُ وَڏو جهاجِهہ گهَڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ،
ساھَڙُ ساڱاھيجِ، تَہ ثابِتُ لنگهين سِيرَ مان.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 25 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون،
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گهُونا گهُونِ ،
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُوَنِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 1 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجها،
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جامو جامَ ،
سَمَرَ بِنان سَرَتِيُون، ڪَھَ ۾ گِهڙِي ڪا مَ،
بِنان مُحَّمَدُ ڄامَ، ڪونِهي وَسِيلو وِچَ تي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 3 ]
سَمَرَ بِنان سَرَتِيُون، ڪَھَ ۾ گِهڙِي ڪا مَ،
بِنان مُحَّمَدُ ڄامَ، ڪونِهي وَسِيلو وِچَ تي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 3 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا،
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا،
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي،
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
آرِياڻِي آھي، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 6 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ماٿَرِ مَٿاھِين،
سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين،
آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 7 ]
سُڄَن ٿا سَيِّدُ چئَي، مِرُون مَھائِين،
آرِياڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 7 ]
English Meaning
Large, big, plenty.