ڪِيمَ جي سنڌي معنيٰ
ڪِي نہ، (انڪاري لفظ) نَہ، مَ، مَتان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Do not, don't, not to do
ڪِيمَ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ڏي،
پورِهئو سَندو پورِھَيتين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ،
سو مُون ٿورَو لاءِ، جِيئَري مِلان جَتَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 1 ]

سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]

چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان،
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]

پَسِي ڳاڙھا گُلِڙا، ڪَرَھا ڪِيمَ تَرَسُ،
سي تان ھَلِي پَسُ، جي اِنَ وَلِ وِھاٽِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 43 ]

سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ ميھارَ جا،
لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، دَھِلِجِ ڪِيمَ دِلِا،
مَتان ڪا گِلا، ساھَڙُ سَمُنَ جِي ڪَري.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 11 ]

مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ،
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]

اوراڙِ نَہ پَراڙِ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾،
سُڪِيءَ ڏَنِيءَ سُپِرِين، ٻِئو مِڙيوئِي تارِ،
تُون گِهڙُ ڪِيمَ نِھارِ، ٻُڏَندَنِ سين ٻاجُهون ڪَري.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 12 ]

ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]