ڪَڏِھِين جي سنڌي معنيٰ
ڪھڙي وقت، ڪھڙي ساعت، ڪنھن ٽاڻي، ڪيڏيءَ مھل. بعضي، گاهي. ڪنھن وقت. هر وقت، ھر گهڙي ، هر ساعت، هر مھل
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
When? Sometime or other.
ڪَڏِھِين جا بيتن ۾ حوالا
راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ،
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]

ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏِھِين کُلنِ دَرَ دوسِتَنِ جا،
ڪَڏِھِين اَچان اَچَڻُ نَہ لَھان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين،
ڪَڏِھِين سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِھِين ڳُجهاندَرَ ڳَرَھِينِ،
اِھڙائِي آھِينِ، صاحِبَ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 24 ]

ڪَڏِھِين پَئِجي ڪَنُ تي، ڪَڏِھِين ٿِيجي واتُ،
ڪَڏِھِين ٿِيجي ٻَڪِرو، ڪَڏِھِين ٿِيجي ڪاتُ.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 5 ]

مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي،
بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ،
ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،
ھُنِ سيڪِيندي ھَٿَڙا، مُون ڳاڙِيندي ڳَلَ،
چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جِيئَن، سُورَ ڏِنائُون سَلَ،
مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ريءَ سِيراھِيءَ سَلَ،
ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، کُوري کانيَنِ کَلَ،
ڪَڏِھِين پيرَ پِيادا، ڪَڏِھِين مَٿي ڀَلَ،
مولِهِيا ماڪَ پُسايا، سِيءَ سُڪايَنِ کَلَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 13 ]

چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين،
ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ،
مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 28 ]

جٖي اُھَرِئَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِھِين اِيندا مان ڳَري،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَؤُنڪِي ڌَڄُ،
سامُونڊِيءَ ڪو ڏَنجُهہ، ماءُ مارِيندُمِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 16 ]

گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا،
ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 8 ]

ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين جيڏِيُون، ڪو پَھُ اَچِئو پوءِ،
سو پُڻ ساڙو ھوءِ، ھِيءُ جو ساھُ سَرِيرَ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 28 ]

ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ،
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]

چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ،
ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ،
ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا گوڙَ،
ساري سَناسِيَن کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،
ڪَڏِھِين پاسا پَٽَ تي، ڪَڏِھِين کَٽُنِ کوڙَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 2 ]