ڪوٺي جي سنڌي معنيٰ
سَڏي، دعوت ڏئي، ڪانڍَ ڏئي، سڏ ڪري، نِينڍَ ڏئي، حاضر ڪرائي، شنوائي تي آڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Invite, call, summon
ڪوٺي جا بيتن ۾ حوالا
ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]

ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]

ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو ڪُھي،
سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 19 ]

سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾،
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]

ڪوٺي ڪُٺائُون، اِنَ پَرِ اَکَڙِيُنِ سين،
ماسُ وِراھي ھَلِئا، ڪَرنگهَرُ ڇَڏِيائُون،
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ اِيئَن اُتائُون،
کِلي گهايائُون، مُرڪِي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 4 ]

مَٿا موھَ ٿِيانِ، سَدا سُوائِتا ڪاپَڙِي،
ڪوٺي ڪَنھِن نَہ پُڇِئا، تَہ ڪِ اَندَرَ اَندوھِيانِ،
جيڪا ڄَمارانِ، سا گُوندَرِين گُذَرِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 4 ]

سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ،
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 14 ]
تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ،
پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ،
مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ ھارَ،
دوسِتَنِئون دُورِ ڪِيَسِ، ھِنَ ڪُوڙي ڪَڻَهارَ،
آھِيان عَيبِدارَ، سِڪان ٿِي سُھاڳَ کي.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 17 ]

تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو تو ڏُھاڳُ،
دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ،
ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جَي مُون کي وَرَ وِھارِيين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 18 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]