کوڙِ جي سنڌي معنيٰ
لڳاءِ، وجهہ، گهير، داخل ڪر، اندر ڪر، گهُپِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To fix, drive into, make firm, pitch a tent. To smooth cloths after washing and drying by beating them with a stick. To sit down with a knee on the ground.
کوڙِ جا بيتن ۾ حوالا
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين،
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيَئِي تان کوڙِ،
اَھلَ اَکَڙِيُنِ جِي، نيئِي نِباھِجِ توڙِ،
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 11 ]
اَھلَ اَکَڙِيُنِ جِي، نيئِي نِباھِجِ توڙِ،
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 11 ]
تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا ويھُ رَھِي،
ماڻُهو جي مَحلاتَ جا، سوڍا ڪِجِ سَھِي،
ويندِيئِي ڳالِهہ وَھِي، وِڪَرِ پُوندين وَلَها.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 3 ]
ماڻُهو جي مَحلاتَ جا، سوڍا ڪِجِ سَھِي،
ويندِيئِي ڳالِهہ وَھِي، وِڪَرِ پُوندين وَلَها.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 3 ]
جَي تُون آسائو آھِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چوڙ،
ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ،
اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون ڇانگُون ڪِئو ڇوڙِ،
تَنھِن سَيِّدَ وَڏِي سوڙِ، جَنھِن ۾ مَٿو ھَنيو مَڱڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 22 ]
ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ،
اِنَ دَرِ عِراقِي گَهڻا، تُون ڇانگُون ڪِئو ڇوڙِ،
تَنھِن سَيِّدَ وَڏِي سوڙِ، جَنھِن ۾ مَٿو ھَنيو مَڱڻين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 22 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ،
پَسِي کِکِيءَ کوڙِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 5 ]