کوڙِئا جي سنڌي معنيٰ
لڳائيا، ھنيا، سڌا ڪيا، تنصيب ڪيا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pitching, install
کوڙِئا جا بيتن ۾ حوالا
تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]
دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 24 ]
تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا،
ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو ڪِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 25 ]
ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو ڪِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 25 ]
ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ،
آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ،
آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ،
گهَرِ گهَرِ گِلا جَا وَھي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
مَولا مُون کي ميڙيين، ڪُنڊِييَنِ جِيءَ قَطارَ،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙيين، سَٻاجها سَتارَ،
ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا سانڀارا سَنڀارَ،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ کي، سَٻاجها سَتارَ،
تاڪُنِ تَڪِي آھِيان، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 13 ]

ويٺو مَنجِهہ وِرگهَہ، لَڪِئو ٿو لاتِيُون ڪَري،
پِرِيان سَندي پارَ جي، ڳالِهہ نَہ سَلي ھِڪَ،
سُپيرِيان جي سِڪَ، تَنَ ۾ تَنبُو کوڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 22 ]
پِرِيان سَندي پارَ جي، ڳالِهہ نَہ سَلي ھِڪَ،
سُپيرِيان جي سِڪَ، تَنَ ۾ تَنبُو کوڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 22 ]
English Meaning
Pitching, install