ڏيھِي جي سنڌي معنيٰ
ديسي، ساڳئي وطن يا ڏيھ جا، هم وطن، مُلڪي، ڏيھاڻو. پنھنجي ملڪ جا ماڻهو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fellows og own land or area, native, own people.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڏيھِي جا بيتن ۾ حوالا
آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا ڪَريجا جيڏِيُون،
ڪانِهي بَسِ بَھِيرَ کي، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي،
راھَ مُسافِرُ سَڀَڪو، ڪو نَہ ڏِٺوسُون ھِتِ ڏيھِي،
سارِيندا صَلاتَ کي، قَبَرَ سَڀَ پيھِي،
ڪوٺائُون ڪَرِيمَ جو، ڳالِهہ پُڇَندومِ ڪيھِي،
اللهُ ھيڪُ مُحَّمَدُ بَرحَقُ، اِيءَ چُئان مانَ ايھِي،
نَوازِيندو نُورَ سين، ناقِصِ کي اُتِ نيئِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 8 ]

ڏُکِي ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ ڇَپَرِ پيھِي،
گَڏِبِئِي ڏيھِي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 7 ]
گَڏِبِئِي ڏيھِي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 7 ]
جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي،
مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي،
ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي،
ڳالِهيُون ڪَنديَس ڳُجِهيُون، مُنھِن مُقابِلَ ويھِي،
کَٿُورِي بارُ کَڻِي، آيا ڏُونگَرَ ڏيھِي،
سَرڪَشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 6 ]

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]
لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ نَہ لَھِي نِينھَن جو،
مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 14 ]
مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 14 ]
تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ،
سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو،
ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ،
اُڀِي اَرداسُون ڪَري، حَمِيراڻي حُضُورِ،
مُون کي ويلَ نَہ وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ،
سانبِي سارِئَمِ سُومَرا، ڏيھِي وِئَڙا ڏُورِ.
[ سُر مارئي، وايون، 9 ]

پاسا پولَڙِيُنِ ۾، ٻانھُون سِرِ ٻيئِي،
اَکِيُون نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي،
ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 17 ]
اَکِيُون نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي،
ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 17 ]
جٖي هِتِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، وَطَنَ ريءَ ويھِي،
مارُو ڏِيندَمِ مُنھَن ۾، ڏاڏاڻا ڏيھِي،
پَکَنِ مَنجِهہ پيھِي، شَلَ مَحَلنِ جِي مَرُ ڌُئان.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 4 ]
مارُو ڏِيندَمِ مُنھَن ۾، ڏاڏاڻا ڏيھِي،
پَکَنِ مَنجِهہ پيھِي، شَلَ مَحَلنِ جِي مَرُ ڌُئان.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 4 ]
پِھرِين راتِ مَلِيرَ ري، مُون کي جا پيئِي،
اُونداهِيءَ اَندوهَ ۾، وِھامِي ويئِي،
ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، ڪَنِ ڪَرَ پُڇان خَبَرُون.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 2 ]
اُونداهِيءَ اَندوهَ ۾، وِھامِي ويئِي،
ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، ڪَنِ ڪَرَ پُڇان خَبَرُون.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 2 ]
کاروڙِئا کَڻِي، ويڙِهِي جَهپَ وِئا،
سيڻَ مُنھِنجا سَيِّدُ چئَي، هاڻي هِتِ هُئا،
پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙِڪَ پِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 16 ]