ڏيھان جي سنڌي معنيٰ
ديسان، ملڪان، ڏيسان، ديشان. پنھنجي شھر کان، ڳوٺان. وطن کان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
From land, by country, from homeland.
ڏيھان جا بيتن ۾ حوالا
پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جاکَ ڳَرا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ ماءُ،
تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندَرِ ساھُ،
تان ڪِي واسُ وِھائِيان، ٻاروچي مُلا.
[ سُر سامونڊي، وايون، 1 ]

ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان پَري ٿِئو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ،
تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ جيلاھِين ٿِئي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 8 ]
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ،
تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ جيلاھِين ٿِئي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 8 ]
حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي آھِيان،
ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ،
ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 19 ]
ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ،
ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 19 ]
ڏُکويُون ڏيھان، جيڪُسِ لَڏي وييُون،
ھاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 26 ]
ھاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 26 ]
مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ،
سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ،
راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ،
چوڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھِ ڏَھڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيُنِ ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 3 ]

آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا،
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]
آيو ڪيرُ ڏيھان، جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون،
وِڄُون اُنَ وَراءَ، راتِ مارُوءَ ڏي وُٺِيُون.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 3 ]
وِڄُون اُنَ وَراءَ، راتِ مارُوءَ ڏي وُٺِيُون.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 3 ]
تَڙِ تَماچِي آيو، سَڀَتِ ٿِي صَلاحَ،
مورُ مَرَڪِي ھَلِئو، سَندو راڻِنِ راءُ،
لَٿِي لُکَ لَطِيفُ چئَي، ڪِئو شَمسَ شُعاعُ،
پِيڙِھِيءَ ويٺو بادشاھُ، مَٿِسِ ڇَٽَ ڇُڳاءُ،
ڪوڙيِين قَناتُون لَڳِيُون، مُياڻِينءَ مَٿان،
لَٿو ڏَنُ ڏيھان، ٿِيُون مَرڪَنِ مَڇِيءَ وارِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 20 ]

عُمَرَ تو ماڙِيُون ھِي، ڪِينَ نِبَھَندِيُون مُورِ،
نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڏيھان ڪَڍِي ڏُورِ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِهائِي پَرُوڙِ،
آندِيَئِي جَا اَزُورِ، تَنھِن بَندِياڻِيءَ بِدا ڏي.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 9 ]