ڇَڏِي جي سنڌي معنيٰ
پري ڪئي، ڦٽي ڪئي، اڇلائي، ڇڏي ڏني.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abandoned, forsaken; gave up; released.
ڇَڏِي جا بيتن ۾ حوالا
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي،
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئا واھِي،
ڪَرَھي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وائِي،
چانگي چَرِئائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 47 ]
جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ ۾،
پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 31 ]
پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 31 ]
ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن،
ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن،
جُهونگارِيندي جَهنگَ ۾ ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينھَن،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جِي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن،
وَلِهِيءَ ھِتِ وَسائِيا، ميڙائي جا مِينھَن،
آن جَا ڇَڏِي ڇَپَرين، ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئَن.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مانَ پَھچان سيڻَنِ سِيئن.
[ سُر ديسي، وايون، 1 ]

جَتَنِ سان جانڪُون، ٿانڪُون مُون سَڱُ ٿِئو،
ڪَري ڪوھِيارو وِئو، تَنُ ڇَڏِي تاڪُون،
آئُون پُڻ تَڏَھانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 9 ]
ڪَري ڪوھِيارو وِئو، تَنُ ڇَڏِي تاڪُون،
آئُون پُڻ تَڏَھانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 9 ]
مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ ڍَڪِئو،
پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ،
تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 7 ]
پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ،
تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 7 ]
سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙھا ھار،
ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ،
تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 12 ]
ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ،
تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 12 ]
جاجِڪَ جيڏا پَسُ ، وِئا سَوار سازَ کَڻِي،
تو سَرَتا تو سَم گِئا، پاٺَ پَرَھِئا پَسُ،
تو گِهرَندِيءَ مَسُ، لَڄَ لَنگهَہ ڪِي ڇَڏِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 45 ]
تو سَرَتا تو سَم گِئا، پاٺَ پَرَھِئا پَسُ،
تو گِهرَندِيءَ مَسُ، لَڄَ لَنگهَہ ڪِي ڇَڏِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 45 ]
چَرَکو چوري ھَٿِ ڪَرِ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي،
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
نِينھُن نِھائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍِڪِيين،
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ،
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 12 ]
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ،
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 12 ]
مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِيئَن پِڃِئو،
ھَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.
[ سُر آسا، مجازي مام، 5 ]
ھَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.
[ سُر آسا، مجازي مام، 5 ]
English Meaning
Abandoned, forsaken; gave up; released.