چِيھا جي سنڌي معنيٰ
ڳاڙھي سيني سان ھڪ پکيءَ جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The name of a small reddish spotted bird, the amandavat. Robin.
چِيھا جا بيتن ۾ حوالا
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا،
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ وَھَڻُ وَسڪاري،
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري،
مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري،
ڊيئِي ڍَٽَ ڌاري، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 6 ]