چَيائُون جي سنڌي معنيٰ
ڳالهايائون، آکيائون، وات مان ڪجهہ لفظ ڪڍيائون، ٻُڌايائون. نصيحت ڪيائون. تنبيھ ڪيائون. (چيو، چوندو، چَيَل). هدايت، فرمان، امر، حڪم. نصيحت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Said, told, informed, instructed
چَيائُون جا بيتن ۾ حوالا
پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين،
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 15 ]
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 15 ]
وَحدَہٗ وائِي، چَڙَهندي چَيائُون،
سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 1 ]
سو لُڙُ لَنگِهئائُون، جِتِ پارَکَ پَکِيان.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 1 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون،
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]
مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 4 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، ديرا ڏِنائُون،
ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون،
چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 6 ]
ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون،
چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 6 ]
سُڻُ تَہ سوزُ پِرائِيين، آءُ چَيائُون اَڄُ،
ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ،
واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 2 ]
ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئا، ”پاڻان“ چُوندَءِ ڀَڄُ،
واڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 2 ]
ڪافَئُون ڪَري ڪُرِنِشُون ٻَڌِي اُڀِيا ٻانھُون،
اُڀِي اَلَکَ سامُهُون، رَتو رُنائُون،
سَناسِيَنِ سَيِّدُ چئَي، مِلِيُون مُدَعائُون،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ ، چِٽو چَيائُون،
لائِقُ لَڌائُون، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 22 ]

پَٽَ پُراڻا وَسِئا، اَچِي چَيائُون،
ڏَنئُرا پُسِي ڏيھَ ۾، ساماڻُون سائُون،
هِتِ هيڪَلِيِ آئُون، هُتِ سَڳَرَ ساهيڙِيُنِ جا.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 7 ]
ڏَنئُرا پُسِي ڏيھَ ۾، ساماڻُون سائُون،
هِتِ هيڪَلِيِ آئُون، هُتِ سَڳَرَ ساهيڙِيُنِ جا.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 7 ]
ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون،
لاڄُن ۾ لَطِيفُ چئَي، ٻيڙا ٻَڌائُون،
نَذُرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَھندي چَيائُون،
جي ڇُوھي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻاجَهہ سين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 11 ]