ڀيرا جي سنڌي معنيٰ
ڦيرا، چَڪر. دفعا، گهمرا، وارا. دَورَ. گشت، دَورا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tours, times, successions of time, revolutions, turns.
ڀيرا جا بيتن ۾ حوالا
جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي،
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]
چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن،
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]
گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون رَھَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا ٿو رِڻُ وَھي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 10 ]
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا ٿو رِڻُ وَھي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 10 ]
مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ،
پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ،
چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سوڍو مَٿان تَنِ، اوچتوئِي آيو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 11 ]
پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ،
چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،
سوڍو مَٿان تَنِ، اوچتوئِي آيو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 11 ]
تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، پاڻُ مَٿانئُنِ گهورِ،
وِئا جٖي ھِنگِلورِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 5 ]
ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، پاڻُ مَٿانئُنِ گهورِ،
وِئا جٖي ھِنگِلورِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 5 ]
ڪُتو جي ڪانءُ، پِريان سَندي پارَ جو،
اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 38 ]
اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 38 ]
پَلَئِہ پايو پوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي،
ڪا مُون ڪَتائي، ڪاپائِتي آھِيان.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 29 ]
ڪا مُون ڪَتائي، ڪاپائِتي آھِيان.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 29 ]
پوڻِيُون پايو پاندَ ۾، دَر دَر ڀيرا ڏي،
ڪاپائِتِي سَڀَڪا، ڪا مُون ڪَتائي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 30 ]
ڪاپائِتِي سَڀَڪا، ڪا مُون ڪَتائي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 30 ]
چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ،
جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ،
پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون مانِيءَ ڪَنُ،
تازو ڀانيان تَنُ، سَؤُ ڀيرا ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 16 ]
جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ،
پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون مانِيءَ ڪَنُ،
تازو ڀانيان تَنُ، سَؤُ ڀيرا ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 16 ]
مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا،
اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا،
پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 14 ]
اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا،
پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 14 ]
English Meaning
Tours, times, successions of time, revolutions, turns.