ڀانيان جي سنڌي معنيٰ
محسوس ڪيان، لَکان، سمجهان، ڄاڻان. خيال ۾ اچان. ويچاريان، سوچيان، خيال ڪيان. گمان ڪيان. فرض ڪيان، کڻي سمجهان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thinking, imagining. Liking, feeling, have a liking for, regard, esteem.
ڀانيان جا بيتن ۾ حوالا
سَھِسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،
باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 20 ]
باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 20 ]
ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ،
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]
جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ،
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀانيان ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 10 ]
ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِي،
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ،
آکي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿِئا مَھِراڻَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 11 ]
پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ،
آکي جا اَحوالَ، مَعلُومُ ٿِئا مَھِراڻَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 11 ]
ڪُڄاڙو ڏيئِي، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي،
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 28 ]
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 28 ]
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، اُٺَنِ ويرِي ڏاڻَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو،
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 12 ]
ڀانيان ڏِينھُن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄامَ جِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 12 ]
ڀَنڀوران اُجاڙَ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،
مُون سين تَنھِين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 7 ]
مُون سين تَنھِين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 7 ]
اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 8 ]
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 8 ]
English Meaning
Thinking, imagining. Liking, feeling, have a liking for, regard, esteem.